اسپتالن ۾ غير قانوني طور تي امپورٽ ٿيل دوائن ۽ سرجيڪل آلات جي استعمال جو انڪشاف ٿيڻ بعد ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان صوبائي حڪومتن کي ايڪشن وٺڻ لاءِ خط لکي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن کي خط لکي ڇڏيو آهي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني دوائن ۽ سامان جو وڪرو ۽ استعمال ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان علاوه غيرقانوني سپلائي چين جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن سپلائي ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ مارڪيٽ مان غير قانوني دوائون ۽ ڊيوائسز ضبط ڪيون وڃن. غير قانوني شين جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فيلڊ فورس جي نگراني تيز ڪئي ويندي ته جيئن ڊسٽريبيوٽرن ۽ فارميسيز جي اسٽاڪ چيڪ ڪري غير قانوني شين جي خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي.