ٽن ورهين جي شيزا شهزئي جي والد جي فرياد تي محمود آباد ٿاڻي تي بيگناهه قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پيءُ جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ کي بخار سبب خانگي ڪلينڪ ۾ آندو ويو، جتي ڊاڪٽر غلط انجيڪشن لڳائي. انجيڪشن لڳڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد ڇوڪريءَ جي حالت خراب ٿي وئي، سندس چمڙي سوڄ ٿيڻ لڳي ۽ رت وهڻ لڳو.
جناح اسپتال ۾ علاج دوران پيءُ ڊاڪٽر کان ٻڌو ته ڇوڪري غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آهي. والد خانگي ڪلينڪ جي ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته 11 نومبر تي شيزا شهزادي اختر ڪالوني جي خانگي ڪلينڪ ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.