اسلام آباد: سيڪٽر آءِ ٽين ڌماڪي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم بنائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،پوليس اختيارين آءِ ٽين فور ۾ خودڪش ڌماڪي جي جاچ لاءِ 8 رڪني جي ٽي آءِ بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ڊي آءِ جي چيف ڪمشنر اسلام آباد کان جي آءِ ٽي بنائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جي آءِ ٽي جي سربراهي ايس ايس پي سي ٽي ڊي ڪندو،جي آءِ ٽي ۾ 3 ڊي ايس پي به شامل هوندا. ايس پي انڊسٽريل ايريا، ايس ڊي پي ۽ سبزي منڊي، جاچ آفيسرن کان علاوه ڳجهن ادارن جا 2 آفيسر به جي آءِ ٽي جو حصو هوندا، جي آءِ ٽي ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ جوڙي ويندي،
