تفصيل موجب، ڪراچي جي علائقي سوڪ سينٽر وٽ هڪ تيز رفتار ٽرڪ پل جي هيٺان ڦاسيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني مڪمل طور تي درهم برهم ٿي ويئي.
واقعي سبب سوڪ سينٽر کان ڪارزاز وڃڻ واري مکيه رستي تي شديد ٽريفڪ جام ٿي وئي، ۽ گاڙيون ڪلاڪن تائين ڦاٿيون رهيون. ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف رهي ۽ اعلان ڪيو ته کرين جي مدد سان ٽرڪ کي هٽايو ويندو.
ويڊيو ۾ واضح آهي ته ٽرڪ ڊرائيور پل جي بلندي جو غلط اندازو لڳائي ۽ هيٺان وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ٽرڪ جي ڇت ۾ موجود جنگلا پل جي نچلي سطح سان جڙي ويو، جنهن سبب نه صرف ٽرڪ کي نقصان ٿيو پر علائقي ۾ ٽريفڪ جو نظام پڻ مفلوج ٿي ويو.