تفصيل موجب، اسلامي نظرياتي ڪونسل نے وي پي اين جو استعمال ناجائز قرار ڏنو آهي، جنهن سان نئين بحث جو آغاز ٿي چڪو آهي. ان سان سوال پيدا ٿيو آهي ته ماضي ۾ وي پي اين استعمال ڪندڙ فرد، خاص طور تي حڪومتي ۽ مذهبي شخصيتون، ان جو ڪفاره ڪيئن ادا ڪري سگھن ٿا.
وزيراعظم شاهباز شريف، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان، مفتی تقی عثمانی، ۽ مولانا طاہر اشرفی جهڙن نمايان اڳواڻن وي پي اين جو استعمال ڪيو آهي، جنهن کي هاڻ “غير شرعي” قرار ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم شاهباز شريف نومنتخب آمريڪي صدر کي مبارڪباد جو ٽويٽ به وي پي اين ذريعي ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ پنهنجي بيانيات ۽ ٽويٽس لاءِ وي پي اين جو سهارو وٺندا رهيا آهن.
هن فهرست ۾ نيب زدہ شخصيتون ۽ وزراء به شامل آهن، جن ۾ وزير دفاع خواجه آصف، وزير داخلہ محسن نقوي، مشير رانا ثناءاللہ، ۽ مريم اورنگزيب شامل آهن، جيڪي وي پي اين جو استعمال ڪري سوشل ميڊيا تي سرگرم رهيا.
ياد رهي ته چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪونسل، ڊاڪٽر راغب نعيمي، وي پي اين جي استعمال کي شرعي طور تي ناجائز قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهو اڪثر غير قانوني مواد تائين رسائي ۽ ملڪي سالميت خلاف استعمال ٿيندو آهي، تنهن ڪري فوري طور تي اهڙين ايپس تي پابندي لڳائي وڃي.