پشاور: ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي برمل واري علائقي مانزه مان 3 مغوين جا لاش هٿ آيا آهن جيڪي پاڻ ۾ پيءُ، پٽ ۽ ڀائٽيو آهن پوليس موجب مقتولن ۾ مولوي نور زمان، ان جو پٽ ۽ ڀائٽيو شامل آهن. ٽنهي ڄڻن کي گذريل ڏينهن اغوا ڪيو ويو هو جن جا لاش اڄ هٿ آيا آهن هڪ ئي ڏينهن اڳ اغوا ڪيل ٽنهي ڄڻن جا لاش ملڻ کان پوءِ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب هانزه جي علائقي مان اغوا ڪيل مولوي نور زمان، ان جي پٽ ۽ ڀائٽي کي نامعلوم ماڻهن قتل ڪيو آهي جن جي گرفتاري لاءِ جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب هانزه جي علائقي مان اغوا ڪيل مولوي نور زمان، ان جي پٽ ۽ ڀائٽي کي نامعلوم ماڻهن قتل ڪيو آهي جن جي گرفتاري لاءِ جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي
