لاهور:سي ٽي ڊي پنجاب جو آپريشن،پابندي مڙهيل تنظيمن جا 7 دهشتگرد گرفتار

لاهور: دهشتگردي جي تازي لهر دوران سي ٽي ڊي جي ڪارروائين دوران پابندي مڙهيل تنظيمن جا 7 دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا آهن،سي ٽي ڊي پنجاب جي ترجمان موجب گرفتار ڪيل دهشتگردن جي سڃاڻپ خالد محمود، محسن وقار، محمد عثمان، شير محمد، لقمان رفيق ۽ فاروق جي نالي سان ٿي آهي،دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد، هٿيار ۽ پابندي مڙهيل لٽريچر هٿ ڪيو ويو آهي. گرفتار ڪيل دهشتگرد صوبي جي حساس شهرن ۾ دهشتگردي جي منصوبه بندي ۾ ملوث آهن.سي ٽي ڊي ترجمان موجب هلندڙ هفتي مختلف شهرن ۾ 443 ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويا ۽ ان ڪارروائين دوران 19 هزار 630 شڪي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو جڏهن ته 90 ڄڻن کي پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکڻ تي گرفتار ڪيو ويو،دهشتگردن جي گرفتاري راولپنڊي، بهاولپور، ڊي جي خان ۽ گوجرانوالا مان عمل ۾ آندي وئي. گرفتار دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو