سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ IBA ٽيسٽ پاس ويٽنگ اميدوارن پاران آرڊر نه ملڻ خلاف درخواست داخل
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ آءِ بي اي (IBA) ٽيسٽ پاس ويٽنگ اميدوارن پاران ٽي سال کان آرڊر جاري نه ٿيڻ تي درخواست داخل ڪئي وئي.
درخواست داخل ڪندڙ علي احمد شر سميت 131 اميدوارن سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر تعليم ۽ لاڳاپيل ڌرين کي ڌر بڻايو آهي.
اميدوارن جو موقف آهي ته سنڌ حڪومت 2021 ۾ IBA جي ذريعي پي ايس ٽي (PST) ۽ جِي اي ايس ٽي (JEST) جا امتحان ورتا هئا، جن ۾ 40 کان وڌيڪ نمبر کڻي اميدوار پاس ٿيا، پر ٽي سال گذرڻ باوجود آرڊر جاري نه ٿيڻ سان اميدوار ذهني اذيت جو شڪار آهن.
اميدوارن جو چوڻ آهي ته عمر جي رعايت ختم ٿيڻ سبب نوجوان استادن کي غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه اميدوار انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
درخواستگذارن موجب، هزارين اسڪول بند آهن ۽ لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، پر حڪومت استادن جا آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي.
عدالت ۾ درخواست ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.