عظميٰ بخاري جي بشريٰ بي بي تي تنقيد: غير سياسي عورت جلسن جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان جيڪي ڪم ڪيا هاڻ انهن جو حرجاڻو ادا ڪري رهيو آهي. بشريٰ بي بي جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته اها غير سياسي عورت آهي پر حيرت آهي ته هڪ غير سياسي عورت جلسن جلوسن جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته هي عورت ايتري غير سياسي آهي جو ماضي ۾ هڪ وزيراعظم کي ڪنٽرول ڪندي هئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سرڪاري وسيلا رياست جي خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. جڏهن ته انهي جي پنهنجي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي.

عظميٰ بخاري چيو ته اڄ علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪرڻ کان سواءِ واپس روانو ٿي ويو، ڪجهه ته آهي جنهن جي مٿان پردو رکيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ فتنو پيدا ڪرڻ چاهي ٿي هنن کي لاش گهرجن، پر پاڪستان جي عوام هنن جي آواز تي هاڻ ڌيان نه ڏيندي.

صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان پنهنجي حڪومت واري دور ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو انهي جو ڪيتو هاڻ لوڙي رهيو آهي اهو سڀ مڪافات عمل آهي. علي امين گنڊاپور فساد جي بجاءِ عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير الجهاد، الجهاد جا نعرا لڳائي رهيو آهي، بشريٰ بي بي جي سامهون سمورا ايم اين اي ۽ ايم پي ايز سٺا ٻار بڻجي ويٺل هوندا آهن.