ڪنڌڪوٽ ملاح ماھيگيرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ ملاح فورم ضلع ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي ويئي ريلي جي اڳواڻي سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻ بشير احمد ميراڻي ضلعي صدر غلام مصطفي ميراڻي جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميراڻي شرف الدين ميراڻي لعل احمد ميراڻي سميت ميراڻي برادريءَ سان واسطو رکندڙ مختلف پاڙن جي اڳواڻن پنھنجي برادرين سميت شرڪت ڪئي ريلي گھنٽاگھر چوڪ کان الملاح ھوٽل تائين ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته اسان ملاح برادريءَ سان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ڪابه سھولت فراهم ناھي ڪئي درياهه ڍنڍن واهن ڪينالن تي اسان ملاحن جو حق آھي جيڪو اسان کان کسيو ويو آ فشريز کاتي ۾ به ملاحن کي نظر انداز ڪيو ويو آ اسان کي انگريز سرڪار کان مليل لائسنس به ڦريا ويا جيستائين ملاح ماهيگيرن کي پنھنجا حق نه ملندا تيستائين اسان آواز بلند ڪندا رھندا سين