ڪنڌڪوٽ لڳ ڪارنھن جي الزام ھيٺ ٻٽو قتل جوابدار فرار ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ لڳ ڪارنھن جي الزام ھيٺ ٻٽو قتل جوابدار فرار ٿي ويو پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ ،بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرمان جکراڻي ۾ جوابدار باجڪ جکراڻي پنھنجي 50 ورھين جي زال مسمات عشران جکراڻي ۽ ڌڻي بخش جکراڻي کي ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ، جوابدار ٻٽو قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي اھڙو اطلاع بخشاپور پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال بخشاپور آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

پنھنجي راءِ لکو