اسلام آباد، ڪي پي ڪي، پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس جزوي معطل ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت 23 نومبر کان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند ڪرڻ  جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ معطل ڪري سگهجي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي طرفان 22 نومبر کان موبائل، انٽرنيٽ سروس تي فائر وال ايڪٽو ڪئي ويندي، فائر وال ايڪٽو ٿيڻ سان انٽرنيٽ سروس سلو جڏهن ته سوشل ميڊيا ايپز تي وڊيو، آڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿي سگهنديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته صورتحال کي ڏسندي ڪنهن به وقت مخصوص هنڌن تي انٽرنيٽ، موبائل سروس معطل ڪري سگهجي ٿي. ياد رهي ته  پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر تي اسلام آٻاد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي ۽ انهي حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته احتجاج جو تياريون زور شور سان جاري آهن، هن ڀيري سمورن مطالبن جي منظوري تائين احتجاج ختم نه ٿيندو.