سکر(بيورورپورٽ)سکر جي بس ٽرمينل لڳ ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب جاني ورڪشاپ کي باھ لڳي وئي لکين ماليت جون موٽر ڪارون ۽ سامان سڙي ويون فائربرگيڊ دير سان پهتي خبر موجب سکر جي آباد ٿاڻي جي حد بس ٽرمينل لڳ مسترين جي ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني ۾ قائم جاني ڊينٽنگ ورڪشاپ کي رات جو بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي ورڪشاپ ۾ ڪم لاء بيٺل ٻن موٽر ڪارن سميت دوڪان ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو جڏهن ته ڀرسان ٻن دوڪانن کي به باھ لڳي وئي مسترين پنهن جي مدد پاڻ ڪري ٻن دوڪانن کي لڳل باھ وسائي ورتي فائربرگيد جي اچڻ کان اڳ ئي ورڪشاپ سڙي وئي موقعي تي موجود آزاد موٽر ورڪس پينل جو چيئرمين محمد نعيم مغل ورڪشاپ مالڪ سان همدردي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا سکر کي اپيل ڪئي آھي ته پورهيت جي نقصان جو آزالو ڪيو وڃي۔
