ڪنگري جي ڳوٺ عبدالحڪيم مڱڻيجو جي رهواسين پاران ڊي اي اڳواڻ مير ممتاز ٽالپر ۽ مير حفاظت ٽالپر پاران ذاتي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش

ڪنگري (رپورٽر) ڪنگري جي ڳوٺ عبدالحڪيم مڱڻيجو جي رهواسين پاران ڊي اي اڳواڻ مير ممتاز ٽالپر ۽ مير حفاظت ٽالپر پاران ذاتي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۽ زمين تي هٿياربند ويهارڻ خلاف احتجاج خبر موجب ڪنگري جي ڳوٺ عبدالحڪيم مڱڻيجو جي رهواسين حر جماعت جي دعوتي خليفي فقير محمد سليم مڱڻيجو شمس الدين مڱڻيجو عبدالمطلب مڱڻيجو نيڪ محمد مڱڻيجو فقير اربيلو مڱڻيجو ۽ ٻين پريس ڪلب پيرجوڳوٺ پهچي احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو آهي ته ديھ الرا چڪ نمبر 3 ۾ اسان جي ذاتي زرعي زمين 54 جريب زمين تي جي ڊي اي اڳواڻ ۽ علائقي جي بااثرن مير ممتاز ٽالپر ۽ مير حفاظت ٽالپر زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ هنن زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن ۽ اسان جي زمين تي زبردستي ٽيوب ويل لڳرائي رهيا آهن هنن چيو ته ڪجهه وقت اڳ درگاھ شريف پيرجوڳوٺ تي زمين بابت فيصلو به ٿيو هو۽ فيصلو اسان جي حق ۾ آيو هو پر ان جي باوجود مير ممتاز ٽالپر ۽ مير حفاظت ٽالپر ڏاڍ مڙسي ڪندي روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري زيادتي ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس پڻ ڄاڻايل بااثرن جي ڌر بڻيل آهي هنن پير صاحب پاڳاري سميت اعلي اختيارين کا