بخشاپور سان تعلق رکندڙ نوجوان سياسي سماجي ڪارڪن مير جنيد احمد خان ڊومڪي کي پاڪستان پيپلز پارٽي يوٿ ونگ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو سينئر نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) بخشاپور سان تعلق رکندڙ نوجوان سياسي سماجي ڪارڪن مير جنيد احمد خان ڊومڪي کي پاڪستان پيپلز پارٽي يوٿ ونگ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو سينئر نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي ان موقعي تي پ پ يوٿ ونگ مير جنيد خان ڊومڪي اي ڊي اين نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته 27 ڊسمبر تي محترمه شھيد جي ورسي تي ڀرپور نموني سان ملھائي ويندي ھن وڌيڪ چيو ته مون تي پارٽي اڳواڻ پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ء امير تيمور خان ڊومڪي اعتماد ڪندي عھدو ڏياريو آهي جنهن لاء مان پارٽي قيادت جو شڪر گذار آھيان اسان جو جيئڻ مرڻ پيپلز پارٽي سان آهي عوام جي خدمت جاري رھندي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان سوين گاڏين جو قافلو ء ھزارين جيالا شھيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ورسي واري جلسي م شرڪت ڪندا

پنھنجي راءِ لکو