تفصيل مطابق، سرڪاري حج اسڪيم تحت حج جي ڪراين ۾ 50 ڊالر في شخص گهٽايو ويو آهي. عازمين حج کي مجموعي طور تي هڪ ارب 24 ڪروڙ رپيا جو فائدو حاصل ٿيندو، جڏهن ته مجموعي طور تي 89 هزار 505 عازمين حج کي فائدہ پهچندو. عازمين حج کي گذريل سال جي مقابلي ۾ 14 هزار رپيا گهٽ ادا ڪرڻا پوندا. گذريل سال عازمين کان هوائي جهاز جي ڪرائي ۾ 2 لک 34 هزار رپيا ورتا ويا هئا. حج 2025 لاءِ فضائي ٽڪيٽ جو کرائي گهٽجي 2 لک 20 هزار رپيا ٿي ويندو. پي آءِ اي جي انتظاميه ان ڪمي ۾ رضا مندي جو اظهار ڪيو آهي. هي گهٽتائي سعودي عرب ۽ ٻين فضائي ڪمپنين تي به لاڳو ٿيندي. 40 سيڪڙو عازمين پي آءِ اي ۽ اوتڻ ئي سعودي فضائي ڪمپني مان حج تي ويندا، جڏهن ته 20 سيڪڙو عازمين حج نجی پاڪستاني ايئر لائن ذريعي سفر ڪندا. وزارت مذهبي امورن جو چوڻ آهي ته سعودي ائير لائن ۽ نجی ايئر لائن سان هن هفتي معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي.