“پريالوءِ روڊ تي موٽر سائيڪلن جي ٽڪر ۾ عبدالرزاق ڀٽو سخت زخمي”

پريالوءِ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي، پڪا الراڀٽا جو رهواسي عبدالرزاق ڀٽو، پنهنجي ڳوٺ کان سکر طرف وڃي رهيو هو جڏهن سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو.حادثي جي نتيجي ۾ عبدالرزاق ڀٽو کي شديد زخم آيا، جنهن سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي کانپوءِ علائقي وارا مدد لاءِ پهتا ۽ زخمي کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو