پي ٽي آءِ احتجاج: ريڊ زون ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سيل، اهم سرڪاري عمارتن تي رينجرز مقرر

پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ ريڊ زون ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اهم سرڪاري عمارتن تي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب اسلام آباد جي روڊن کي مختلف هنڌن تان ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي. ڊي چوڪ ۾ رکيل ڪنٽينرز تي به فورسز جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس، ايف سي، پنجاب پوليس ۽ رينجرز جي ڳري نفري ڊي چوڪ تي مقرر ڪئي وئي آهي.

سرينگر هاءِ وي کي زيرو پوائنٽ جي هنڌ تي ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستن ٽي ڪراس تي ڪنٽينرز لڳايا ويا آهن. ايڪسپريس هاءِ وي کهنه پل جي هنڌ تي به ڪنٽينرز لڳائي ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو آهي. ايڪسپريس وي آءِ اي انٽري تي به ڪنٽينرز لڳايا ويا آهن. گولڙه موڙ، جي ٽي روڊ ڏانهن ويندڙ رستو بند ڪيو ويو آهي.

26 چورنگي پل ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستو ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو جڏهن ته نيو مارگله روڊ کي هڪ اليون جي هنڌ تي ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيو ويو. ايران ايوينو کي ڊي 12 جي هنڌ تي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايڪسپريس وي کي سرينگر هاءِ وي سان ملائيندڙ رستو زيرو پوائنٽ کان بند آهي. فيض آباد کان اسلام آباد ڏانهن ايندڙ رستو بند ڪيو ويو آهي. جي ٽي روڊ به مختلف هنڌن کان بند آهي.