پي ٽي آءِ جي احتجاج تي دهشتگردي جو خطرو آهي، نيڪٽا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

 قومي دهشتگردي جي انت واري اٿارٽي(نيڪٽا) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسلام آباد ۾ سڀاڻي ٿيندڙ احتجاج تي دهشتگردي جي خطري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب نيڪٽا جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردي جو خطرو آهي. دهشتگرد تنظيم جا ميمبر پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن. حملي جي حوالي سان ڪيترائي حملي آور اڳ ئي پاڪ افغان سرحد پار ڪري چڪا آهن. حملي آور 19 ۽ 20 نومبر جي رات مختلف شهرن مان داخل ٿيا. نيڪٽا صوبائي حڪومتن کي فوري طور تي سخت قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن طرفان جلسن ۽ جلوسن کي نشانو بنائي سگهجي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج تي به حملو ٿي سگهي ٿو. خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خطري کي نظر ۾ رکندي گهرو وزارت هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگرد عوامي جلسا ۽ جلوسن کي نشانو بنائڻ جو ارادو رکن ٿا. ڪنهن به قسم جي سماجي يا سياسي سرگرمي جي لاءِ عوامي اجتماع کان پاسو ڪيو وڃي. پاڻ به گهرن ۾ رهو ۽ پنهنجن پيارن کي به گهرن ۾ محفوظ رکو.