حيدرآباد: سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ جا آبادگار سراپا احتجاج، زين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي

 سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف سنڌ جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن. سنڌ آبادگار تنظيم طرفان اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ هارين سميت آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. احتجاجي ريلي ۾ قومپرست اڳواڻ سيد زين شاهه به شرڪت ڪري سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڇهن ڪئنالن جي منصوبي کي  سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏئي ڇڏيو. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه ۽ سنڌ آبادگار تنظيم جي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ پاڪستان جي جان آهي انهي درياءَ سان ئي اسان جو جياپو آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.   اڄ هزارن جي انگ ۾ هاري پنهنجي حقن جي لاءِ روڊن تي آهن، بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ حڪومت سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪرڻ بند ڪري، اسان جو احتجاج پوري سنڌ ۾ جاري رهندو. احتجاجي مظاهري ۾ آبادگار بورڊ تنظيمن جي اڳواڻ نواب زبير ٽالپر،  ذوالفقار عيساڻي، ماما يوسف لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.