پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، متاثر ٻارن جو انگ وڌي 55 ٿي ويو

پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 3 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ پوليو وائرس جا ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پوليو سبب وڌيڪ 3 ٻار متاثر ٿيا جنهن کان پوءِ متاثر ٻارن جو انگ 55 ٿي ويو آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته پوليو سبب متاثر ٿيندڙ 2 ٻارن جو تعلق بلوچستان ۽ هڪ جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي. بلوچستان ۾ پوليو وائرس جو شڪار ٻارن جو انگ 26 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ متاثر ٻارن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.   ذريعن موجب سنڌ ۾ هينئر تائين پوليو  سبب 13 ٻار متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ هڪ، هڪ ٻار پوليو سبب متاثر ٿيو. ٻئي طرف انهي حوالي سان بلوچستان جي صحت کاتي ٻڌايو ته پوليو جا نوان ڪيسز ضلعي زوب جعفر آباد مان رپورٽ ٿيا. هلندڙ سال زوب مان رپورٽ ٿيندڙ پوليو جو هي ٽيون ۽ جعفر آباد مان ٻيون ڪيس آهي. انهي کان اڳ قلعه عبدالله مان پوليو جا 6، ڪوئٽه مان 3، قلعه سيف الله، پشين ۽ چمن مان پوليو جا 2-2 ڪيسز رپورٽ ٿيا. جڏهن ته ڊيره بگٽي، چاغي، جهل مگسي، خاران، نوشڪي ۽ لورالائي کان پوليو جو هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪو آهي.