پي ٽي آءِ احتجاج: اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ پيٽرول جي کوٽ جو امڪان وڌي ويو

 وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. پيٽروليم واري وزارت اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ پيٽرول جي کوٽ بابت فوري قدم کڻڻ جي لاءِ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڏانهن خط اماڻيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت اٽڪ آئل ريفائنري مان ٻارڻ جي تيل جي فراهمي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريفائنري کي ٻارڻ جي تيل جي فراهمي ۽ اتان کان پيٽروليم شين جي سپلاءِ به رڪجي چڪي آهي. معاملو فوري طور تي حل نه ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جي کوٽ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻيل خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته رستن جي بندش سبب جاڙن شهرن ۽ لاهور ۾ پيٽروليم شين جي سپلاءِ نه ٿي رهي آهي، رستن جي بندش سبب فيول ٽينڪرز مختلف روڊن تي بيٺل آهن. مسئلي جي حل لاءِ گڏيل پلان ٺاهيو وڃي ته جيئن بنا ڪنهن رنڊڪ جي تيل جي سپلاءِ جاري رهي.