اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ ٺهڻ کان هن وقت تائين توشا خانا جي سمورن تحفن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي،شهري ابوذر سلمان نيازي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو،درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظمن ۽ صدرن کي ملندڙ پرڏيهي تحفن جا تفصيل جمع ڪرايا وڃن
