پريالوءِ (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏو وزير سيد قائم علي شاھ درگاھ حضرت مخدوم محمد اسماعيل رحمت الله عليه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري حاضري دوران سيد قائم علي شاهه چيو ته درگاھ اوليائن جو وجود روحاني سک ۽ امن جي علامت آهي هن اوليائن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته صوفي ازم سنڌ جي روايتن ۽ تهذيب جو اهم حصو آهي، جيڪو هميشه محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندو رهيو. مخدوم محمد اسماعيل رحمت الله جي درگاھ سنڌ جي روحاني تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته درگاهه تي حاضري ڏيڻ سان نه رڳو روحاني سک حاصل ٿئي ٿو، پر اهو انسان کي پنهنجي روايتن ۽ تهذيب سان ڳنڍي ٿو. ان موقعي تي علائقائي معززن، ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. دعا ۾ ملڪ جي سلامتي، امن ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. حاضري دوران سنڌ جي ثقافت ۽ درگاهه جي اهميت تي به روشني وڌي وئي.