اسلام آباد: پي ڊي ايم پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي، پنجاب جي گورنر جو حڪم غير آئيني آهي،اعتزاز احسن

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پي ڊي ايم اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ دير چاهي ٿي، هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا، پنجاب جي گورنر جو حڪم غير آئيني آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان جيڪڏهن لانگ مارچ ختم ٿيڻ کان پوءِ اسيمبليون ٽوڙي ها ته هن وقت چونڊ مهم هلي رهي هجي ها. هن چيو ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جي لاءِ گهڻو وقت ڏئي ڇڏيو. عمران خان گهڻو وقت ڏنو جنهن سبب مخالف ڌر کي پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي ملي. هن چيو ته پي ڊي ايم پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو، انهن چاهيو ٿي ته اهو معاملو دير جو شڪار ٿئي، پنجاب جي گورنر جو حڪم غير آئيني آهي. اهڙي طرح ته ڪابه حڪومت نه بچندي،اعتزاز احسن چيو ته حڪمرانن جو احتساب ٿيڻ ضروري آهي، حڪمران ملڪ جون حالتون سڌارڻ لاءِ قدم کڻن. ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر اچي وئي آهي. حڪمران صرف اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ رڌل آهن کين ملڪ جي صورتحال بابت فڪر ٿيڻ گهرجي،ٻوڏ بابت ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته عمران خان سميت سمورن سياسي اڳواڻن کي عوام تائين فنڊ پهچائڻ گهرجن. ٻوڏ متاثرين بي يارو مددگار خيمن جي اوسيئڙي ۾ آهن. سمورين پارٽين کي ملي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سيارو شروع ٿيڻ سان ئي سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻوڏ متاثرين مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪي خيما آيا آهن انهن کي جلسن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي شهباز شريف ۽ عمران خان کي ٻوڏ متاثرين وٽ وڃڻ گهرجي

پنھنجي راءِ لکو