ڪرمپور لڳ چولياڻي ء بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو فائرنگ هڪ ڄڻو قتل ٻه ڄڻا زخمي

تفصيل موجب ڪرمپور لڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڪارنهن جي معاملي تان چولياڻي ء بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو شير محمد لاڙي وٽ بنگلاڻي برادري جي هٿياربندن چولياڻي برادري جي نوجوان مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب نوجوان منصب چولياڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻه زخمي ٿيڻ جا اطلاع اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي ڇڏيو پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿو