غوث پور: واحد بخش خان ڀيو جي المھراڻ گرائونڊ تي شھيد فاروق احمد ڀيو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو انعقاد
غوث پور ويجهو ڳوٺ واحد بخش خان ڀيو جي المھراڻ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شھيد فاروق احمد ڀيو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن ۾ 10 ٽيمن حصو ورتو. فائنل ميچ المھراڻ ٽيم ۽ الفاروق ٽيم جي وچ ۾ کيڏي وئي.
الفاروق ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. المھراڻ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 4 اوورن ۾ 70 اسڪور جو ٽارگيٽ ڏنو. الفاروق ٽيم بغير ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي مقرر حدف پورو ڪري فائنل ميچ پنهنجي نانُ ڪري ورتو.
فائنل ميچ ۾ نظير احمد ميراڻي شاندار بيٽنگ ڪندي ففٽي اسڪور ڪري مئن آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو، جڏهن ته منصور احمد نصيراڻي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪري مئن آف دي سيريز جو اعزاز حاصل ڪيو.
ٽورنامينٽ ۾ مير انيس الرحمان خان سندراڻي، صحافي برڪت ڀيو، وڏيرو محمد بخش خان ڀيو، صحافي طارق ڀيو، دلبر ڀيو، احمد علي ڀيو، حفيظ ﷲ ڀيو، حافظ مظفر ڀيو ۽ ٻين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
آرگنائيزر ٽيم پاران آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا. تقريب جي پڄاڻي تي شھيد فاروق احمد ڀيو جي مغفرت لاءِ قُل پڙهي دعا گهري وئي.