عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ اهم قدم کڻي: آصف علي زرداري

صدر پاڪستان آصف علي زرداري چيو آهي ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فوري طور تي اهم ۽ فيصلو ڪندڙ قدم کڻي.

صدر آصف علي زرداري فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار واري عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته فلسطينين جي حقن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان 1967 کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد ۽ پائيدار فلسطيني رياست جو حامي آهي.

هن چيو ته آزادي، وقار ۽ انصاف لاءِ فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون. عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فوري طور تي اهم ۽ فيصلو ڪندڙ قدم کڻي.

صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي ضمير فلسطين ۾ لکين ماڻهن جي حالتن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي. اسرائيلي قبضو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڏي رنڊڪ آهي. عالمي برادري ۽ سلامتي ڪونسل غزه ۾ فوري طور تي غير مشروط جنگبندي لاءِ قدم کڻي.