جلسو ۽ مظاهرو ڪرڻ هر پارٽي جو حق آهي، حڪمرانن جو پرتشدد رويو مذمت جوڳو آهي: فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هر پارٽي کي جلسو ۽ مظاهرو ڪرڻ جو حق حاصل آهي، مون کي  ۽ منهنجي مخالف کي به ساڳيو حق حاصل آهي.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪنهن به پارٽي جي فيصلي سان اسان کي به ڪوبه غرض نه آهي ته انهن فيصلو غلط ڪيو يا صحيح. هو پنهنجي فيصلي جا پاڻ ذميوار آهن. اسان اسلام آباد ۾ حڪمرانن جي پرتشدد رويي جي مذمت ڪريون ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ صوبي مان قافلا اچي رهيا آهن ته انهي وقت رستا ڏنا ويا ۽ پوئتي هٽي ويا، چيو ويو ته  گوليون نٿا هلائڻ چاهيون، جڏهن  اهي ڊي چوڪ پهتا ته گوليون ڇو هلايون ويون؟