ڪراچي:ٽيسٽ پاڪستان جي نيوزيلينڊ خلاف بيٽنگ جاري

ڪراچي: نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهجرين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪري رهيو آهي. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽيست سيريز جو پهريون ميچ ڪراچي جي نيشنل بينڪ ڪرڪيٽ ارينا ۾ کيڏيو پيو وڃي. پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي ٽيم طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق ميدان ۾ لٿا،12 رنسن تي اعجاز پٽيل پنهنجي پهرين ئي اوور ۾ عبدالله شفيق کي اسٽمپ آئوٽ ڪري ڇڏيو. عبدالله شفيق صرف 7 رنسون ئي ٺاهيو سگهيو. عبدالله شفيق کان پوءِ شان مسعود بيتنگ جي لاءِ آيو پر اهو به اڳيان وڌي ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ۾ اسٽمپ آئوٽ ٿي ويو 18 رنسن تي پاڪستان جا 2 رانديگر آئوٽ ٿي ويا جنهن کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم ڪريز تي ايو پاڪستان جو اسڪور اڃان 49 رنسون ئي ٺهيو هو ته امام الحق به آئوٽ ٿي ويو. هن 24 رنسن جي اننگز کيڏي. ڪريز تي هن وقت سعود شڪيل ۽ بابر اعظم موجود آهن

پنھنجي راءِ لکو