اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي چوڪ احتجاج تي شير افضل مروت خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست تي گهرو وزارت جي سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ارباب محمد طاهر شير افضل مروت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ڪنهن به نامعلوم ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي کي هڪ هفتي ۾ شير افضل مروت جي خلاف داخل ڪيسن جي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.