پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه پيون ٿين: پرڏيهي وزارت

 پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه پيون ٿين.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته حڪومت ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون هزارين متاثر خاندانن جي خلاف آهن. پابندي مڙهيل تنظيم سان سان ڪڏهن به ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.

هن چيو ته بيلاروس جي صدر جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار  اياز صادق روسي اسپيڪر جي دعوت نامي تي روس جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري ۾ مفاهمتي يادداشت تي به صحيحون ڪيون وينديون.