پي ٽي آءِ احتجاج جي دوران مظاهرين ۾ موجود شرپسندن جي تشدد سبب متاثر پنجاب رينجرز جي جوانن جا انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.
پنجاب رينجرز موجب پي ٽي آءِ احتجاج جي دوران مظاهرين ۾ موجود شرپسندن حملو ڪيو، نائيڪ سفير ٻڌايو ته مان 26 نمبر ڊيوٽي تي مقرر هوس. جڏهن مظاهرين اسان تي تشدد ڪيو، مظاهرين لاٺي چارج ڪيو، پٿر هنيا ويا، اسان کان هيلمٽ ۽ شيٽ به ڦري وئي، ڏنڊا هڻي منهنجي نڪ جي هڏي ۽ ٽنگن کي ٽوڙيو ويو.
سپاهي محمد آصف چيو ته 26 نمبر جي ڊيوٽي دوران شرپسندن ڇهن کان ستن ساٿين مٿان گاڏي چڙهائي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جا 3 ساٿي شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. پرتشدد واقعن جو اکين ڏٺو شاهد پنجاب رينجرز جو سپاهي عرفان به آحي.
عرفان چيو ته مظاهرين حملو ڪيو، پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪندي هيلمٽ ڦري ورتا منهنجي ٻانهن ۽ ٽنگ کي ٽوڙيو ويو جنهن سبب مان بيهوش ٿي ويس. سپاهي شهزاد چيو ته اسان ڊيوٽي تي مقرر هئاسين ته شرپسندن اسان تي پٿر وسايا، شرپسندن طرفان ڪيل فائر ساٿي جي هيلمٽ کي لڳو، مٿي تي فائر لڳڻ سبب ساٿي سخت زخمي ٿي پيو. زخمي ساٿي هن وقت آءِ سي يو ۾ وينٽي ليٽر تي آهي.