ڪرم ۾ ڌرين جي جنگبندي معاهدي جي باوجود چڪرين جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرم ۾ ڌرين وچ ۾ جنگبندي معاهدو طئي ٿيو هو پر انهي جي باوجود 8 ڏينهن کان چڪرين جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.
ضلعي ڪرم ۾ ڌرين جي وچ ۾ فائرنگ سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ 8 ڏينهن کان هلندڙ چڪرين ۾ فوتين جو انگ وڌي 100 ٿي ويو آهي ۽ زخمين جو انگ 151 تائين پهچي چڪو آهي.
ضلعي انتظاميه موجب پشاور پارا چنار مرڪزي روڊ 8 ڏينهن کان بند آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله چيو ته مرڪزي روڊ بند ٿيڻ سبب افغانستان سان گڏ خرلاچي بارڊر به واپار جي لاءِ بند آهي. حالتون ڇڪتاڻ واريون هجڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس به معطل آهي جنهن سبب عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.