فيصل واوڊا بشريٰ بي بي کي عمران خان جي زندگي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا بشريٰ بي بي کي عمران خان جي زندگي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ سينيٽر فيصل واوڊا بشريٰ بي بي ۽ عمران خان بابت ڪيل ڳالهين ۾ چيو ته مان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي زندگي لاءِ تمام گهڻو فڪرمند آهيان انهي جي زندگي کي خطرو آهي، جيڪڏهن عمران خان کي بچائڻو آهي ته انهي جي بشريٰ بي بي مان جان ڇڏائڻي پوندي.

هن چيو ته جيستائين بشريٰ بي بي گڏ آهي، عمران خان نه سياست ڪري سگهندو ۽ نه ئي آزاد ٿي سگهندو. بشريٰ بي بي عمران خان کي ڪڏهن دهي کارائي ڇڏيندي آهي ته  ڪڏهن وري ٻئي ڪا شيءَ. هاڻ هي ماڻهو پي ٽي آءِ باني جي لاش تي سياست ڪرڻ چاهين ٿا.

ياد رهي ته انهي کان اڳ پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳڻ واري آهي جلد ئي پي ٽي آءِ مخصوص ماڻهن جي پي ٽي آءِ پاڪستان بڻجي ويندي.