تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني زمينن تان غيرقانوني قبضا توڙي والارون ختم ٿي نہ سگھيون، ڌارين آباد ڪاري توڙي ھائوسينگ سوسائيٽيز ۾ بہ اضافو ٿيڻ لڳو، يوسي ڄنگھڙي جي متاثر رھواسين پاران سندن قبولي توڙي کاتن وارين زمينن کي بہ سرڪاري زمين ڄاڻائي کين پنھنجي ئي زمينن مان بيدخل ڪرڻ توڙي سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميہ ٺٽو طرفان ڪمان ايريا ۾ 20 ھزار ايڪڙ زمين کي پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاء مقرر ڪيل کلي ڪچھريون منعقد ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري سراپا احتجاج بڻجي ويا.
ڊي سي آفيس مڪلي اڳيان متاثر رھواسين پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي انصاف جو مطالبو ڪندي 5 ڊسمبر تي رکيل کلي ڪچھري ۾ بہ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي ڄنگھڙي جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين پاران پنھنجي قبولي توڙي کاتن وارين زمينن جا ڪاغذ ھٿ ۾ کڻي ڊي سي آفيس اڳيان ھڪ احتجاجي مظاھرو عبدالواحد گوپانگ، شفيع محمد شورو، گلشير شورو، الھورايو، الھڏنو، سليم، حجي بشير، منير، يار محمد، اميد علي، صالح محمد شورو، ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھونئن ئي سموري ڪوھستاني زمينن تي غيرقانوني قبضا، والارون جاري ھجڻ سان گڏ ڌارين آبادڪاري ۽ ھائوسينگ سوسائيٽيز جي ڀرمار لڳي پئي آھي، اتي ڪمان ايريا دراوٽ ڊئم ڀرسان 20 ھزار ايڪڙ ڪوھستاني زمين کي سرڪار سرڪاري زمين ڄاڻائي اھا زمين بي زمين ھارياڻين ۾ ورھاست ڪرڻ لاء ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ جي لاٽ نمبر 07 ۽ 08 جي زمينن جي کلي ڪچھرين جو شيڊول بہ ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران جاري ڪيو ويو آھي.
ھنن چيو تہ سرڪاري ڄاڻايل 20 ھزار ايڪڙ زمين ۾ اسانجي قبولي ۽ کاتن واريون زمينون اچي ويون آھن، جن جي نہ سروي ٿي سگھي آھي ۽ نہ ئي ماپ وغيرہ، ھنن چيو تہ ان سلسلي ۾ اسان ڊي سي ٺٽو کي لکت ۾ درخواستون ڏيئي پنھنجي خدشن کان آگاھ بہ ڪيو ھو، پر سواء اسانکي دلاسن جي ضلعي انتظاميہ ٺٽو اسانجي دانھن، ڪوڪن تي ڪوبہ ڌيان ناھي ڏنو. ھنن چيو تہ اسان منعقد ڪيل ڪچھرين کي رد ڪندي واضح ٿا ڪريون تہ اھي کليون ڪچھريون رڳو ڍونگ کانسواء ڪجھ بہ ناھي، جنھن ۾ ڪوھستان واسين جا حق ڦٻايا پيا وڃن، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ڊي سي آفيس ٺٽي ۾ ڪوھستاني زمينن جا کاتا ري رائيٽ ڪرائڻ لاء 2 لک روپيہ رشوت وصول ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪوھستان واسي جي وس جي ڳالھ ناھي رھي.
ھنن گھر ڪئي تہ سندن قبولي توڙي کاتن وارين زمينن جي سروي ڪري کين دنگ ۽ نشان ڪڍي زمينن جا کين قبضا ڏيئي سندن زمين جا کاتا بحال ڪري اھي زمينون مقامي بي ھارياڻي عورتن کي الاٽ ڪري جيڪي کليون ڪچھريون ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ جي چڪ نمبر 07 ۽ 08 واريون رکيون آھن، اھي ختم ڪري پھريان قبولي زمينن جا کاتا بحال ڪري ساڻن انصاف ڪري سموري ڪوھستاني پٽي ۾ ٿيل غير قانوني قبضا ۽ والارون ختم ڪرائي ڌارين آبادڪاري کي ٻنجو ڏيئي ڪوھستان واسين کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن، ٻئي صورت ۾ انصاف نہ ٿيڻ جي صورت ۾ 5 ڊسمبر تي منعقد ڪيل کلي ڪچھري ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.