سي ٽي ڊي پنجاب لاهور ۾ ڪارروائي ڪندي 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران هلندڙ مهيني 34 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي ترجمان موجب لاهور، بهاول نگر، گجرانوالا، فيصل آباد، راولپنڊي، نارووال، سرگودها، چڪوال، جهلم، اٽڪ، گجرات، بهکر ۽ رحيم يار خان ۾ سي ٽي ڊي هلندڙ مهيني 242 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا جنهن ۾ 34 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. پنجاب جي سي ٽي ڊي ترجمان موجب لاهور مان فتنه الخوارج سميت ٻين تنظيمن جي 11 انتهائي خطرناڪ دهشتگردن کي هٿيارن ۽ بارودي مواد ۽ اهم عمارتن جي نقشن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جي سڃاڻپ زبير، اسلم، ابوبڪر، فدا حسين، فهد سليم، سيف الله، نفيس، اصرار، حاجي شاهه ۽ عبدالله وغيره جي نالن سان ٿي. دهشتگردن لاهور ۾ هڪ اهم سرڪاري عمارت کي نشانو بنائڻ چاهيو ٿي. ترجمان موجب هلندڙ مهيني دوران 7536 ڪومبنگ آپريشن جي دوران 637 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته 235630 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي.