ڪشمور ضلعي جي پوليس وڏي ڪارروائي 16 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو اغوا کان بچي ويل 4 مرد 3 عورتون ء 9 ٻار شامل آهن

تفصيل موجب بخشاپور لڳ بڊاڻي جي ڪچي واري علائقي م ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويندڙ ڪشمور ضلعي جي پوليس ڪارروائي ڪندي 16 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي اغوا کان بچي ويل 4 عبدالمجيد پٽ ملتاني شيخ عبدالڪريم پٽ فيض محمد شيخ اعجاز علي پٽ فلڪ شير محمد صادق پٽ ملتاني شيخ 3 عورتون مسمات پٺهاڻي خاتون زال عبدالمجيد شيخ مسمات پروين خاتون زال اعجاز علي مسمات حسينا خاتون زال محمد صادق شيخ جڏهن ته ٻارن م شمون پٽ اعجاز عمر 12 سال ڪنول ڌئ اعجاز عمر 5 سال ڪرن ڌئ اعجاز عمر 8 سال سونيا ڌئ صادق شيخ عمر 8 سال مهر عباس پٽ اعجاز 5 سال سڌير پٽ صادق عمر 10 شهزادو پٽ صادق عمر 11 سال ريشمان ڌئ صادق عمر ٻه سال سهڻي ڌئ اعجاز عمر هڪ سال ذات جا شيخ آهن جيڪي مزدوري لاءِ بڊاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م وڃي رهيا هئا ته اطلاع تي ء جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي پوليس ناڪابندي ڪندي 16 کي بچائي ورتو آهي جنهن کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي ڪشمور پوليس موجب اغوا کان بچي ويل شيخ برادري ء هڪ ئي خاندان سان واسطو رکندڙ آهن پنجاب جي صادق آباد جا رهواسي آهن جيڪي مزدوري ڪرڻ لاءِ ڪشمور ضلعي جي مياڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م وڃي رهيا هئا