ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ غلام اڄڻ واسي نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو گهر اندر قهرام رپورٽ موجب
ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام اڄڻ اندر 31 ساله نوجوان نويد احمد اڄڻ پٽ ارباب اڄڻ گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ،اھڙي اطلاع تي ٽنڊومستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعدص وارثن حوالي ڪيو ويو جتان نوجوان جو لاش ٽنڊومستي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ غلام اڄڻ آندو ويو ته گهرن اندر ڪهرام مچي ويو سندس وني کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا