وفاقي سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

 وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جونوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 روپيه 72 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 29 پئسن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. تازي اضافي کان پوءِ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 252 روپيه 10 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 258 روپيه 43 پئسن تي پهچي وئي آهي. انهي کان علاوه حڪومت لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 48 پئسا جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 52 پئسا گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهٽتائي کان پوءِ گاسليٽ جي قيمت 164.96 روپيه جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي قيمت 151 روپيه 73 پئسا ٿي وئي آهي.