سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ ثقافتي لباس اوڍي ڀرپور طريقي سان ثقافت کي اجاگر ڪندي نظر اچي رهيا آهن. مختلف شهرن ۾ اڳواڻن، ڪارڪنن، اسڪولي شاگردن شرڪت ڪري ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. تقريبن ۾ قومي گيتن تي ڌرتي ڌڻين طرفان جهمريون هڻي سنڌ جي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن جڏهن ته مختلف اسڪولن ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان اسڪولي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران قومي گيتن تي رقص ڪرڻ سان گڏ ٽيبلوز پيش ڪري ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ جو وچن ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٽيچرس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافتي ڏهاڙو اسان جي سڃاڻپ آهي جنهن کي سموري سنڌ اندر هر سال ڀرپور نموني ملهايو وڃي ٿو. هنن چيو ته هن ڏهاڙي کي اسان عيد جي ڏهاڙي طور ڪري ملهائيندا آهيون ۽ عيد جهڙيون تياريون ڪندا آهيون. هوڏانهن سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن چيو ته ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان اسان جي هزارين سال پراڻي تهذيب ڄڻ ته ٻيهر زنده ٿئي ٿي، انهي موقعي تي اڳواڻن وچن ورجايو ته پهرين ڊسمبر تي مرڪزي ثقافتي ريلي ۾ شريڪ ٿي سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪنداسين