اسلام آباد ۾ 24 نومبر جي ڌرڻي کان اڳ اسٽيبلشمينٽ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي. تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير اجلاس جي ميمبرن کي 24 نومبر کان اڳ ۽ بعد جي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. احتجاج جو فائنل سڏ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڳالهين ۾ بريڪ اپ جو سبب بڻجي ويو. ڪي پي ڪي جي وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ قيادت ٽياڪڙي ۾ گهٽ ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. پي ٽي آءِ ذريعن موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 24 نومبر کان اڳ تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ رستو ڪڍيو ويو هو، عمران خان کي به راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ لڳيون هيون پر انهي دوران عمران خان طرفان 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو. ذريعن موجب احتجاج جي لاءِ 24 نومبر جي تاريخ ڏيڻ ڳالهيون ڪندڙن لاءِ حيران ڪندڙ هئو. 24 نومبر کان اڳ انهي جي لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسن جو اعلان به ڪيو ويو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته سنجاني واري هنڌ تي عمران خان به ڌرڻو هڻڻ جي لاءِ تيار هو پر بشريٰ بي بي عمران خان جي هدايت تي ڊي چوڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، احتجاج جي دوران حڪومت طرفان ڪارروائي کان پوءِ بشريٰ بي بي کي اتان کان محفوظ هنڌ تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو به وڏي وزير جو هو. انهي حوالي سان ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين پاڻ به چئي چڪو آهي ته بشريٰ بي بي کي محفوظ هنڌ تي منتقل انهي لاءِ ڪيو ويو ته بشريٰ بي بي عمران خان جي عزت آهي انهي لاءِ کيس تحفظ ڏنو ويو. تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ اڳ ئي وڌيڪ فاصلا وڌي ويا آهن. جيڪڏهن ٻيهر به ڪوشش ڪئي وئي ته انهي ۾ وڏو وقت لڳي سگهي ٿو. تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ ٻيهر احتجاج جو فيصلو ڪجهه وقت جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي ٻيهر احتجاج جي لاءِ تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم به 7 ڊسمبر تي ٻيهر احتجاج جي سڏ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.