سکر جي جناح ميونسپل اسٽيڊيم ۾ سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ويلفيئرايسوسي ايشن سنڌ پاران ڪوڏي ڪوڏي راند جومقابلو

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)سنڌ اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان سکر جي جناح ميونسپل اسٽيڊيم ۾ سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ويلفيئرايسوسي ايشن سنڌ پاران ڪوڏي ڪوڏي راند جا مقابلا ڪرايا گهوٽڪي ۽ سکر جي ٽيمن وچ۾ راند کيڏي وئي سکر جي ٽيم راند کٽي گهوٽڪي جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو۔سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ويلفئر طرفان ٻنهي ٽيمن کي ٽرافي۔ڪپ ۽ ڪيش پرائيز ڏنو ان موقعي تي سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ويلفيئر ايسو سي ايشن سنڌ جي صدر محمد پناھ مهر۔جنرل سيڪريٽري حاجي علي حسن شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوڏي ڪوڏي سنڌ جي ثقافتي راند آھي جنهن کي هٿي وٺرائڻ لاء راندين جا مقابلا ڪرايا آھن ڪوڏي ڪوڏي راند مقابلا ڪرائڻ جو مقصد نوجوانن کي قديمي راند ڏاهن لاڙو ڪرائڻ آھي ته جيئن  ايندڙ نسل کي ثقافتي راندين بابت ڄاڻ ملي اسان جي تنظيم سکر ڊويزن سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪوڏي ڪوڏي ۔ملھ۔ونجھ وٽي راند جا مقابلا ڪرايا آھن ونر ۽ رنر ٽيم کي ڪيش انعام ۽ ٽرافيون به ڏنيون آھن جڏهن ته آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪياويا۔

پنھنجي راءِ لکو