ٺڪراٺو: سنڌي ميڊيا پاران سنڌ جي قومي عيد سنڌي ثقافتي ڏينهن جي سڏ تي اتر سنڌ ۾ ٺڪرن جي ٿانون جي ڪري مشهور شھر ٺڪراٺو به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو

ٺڪراٺو : سنڌ جي قومي عيد سنڌي ثقافتي ڏينهن سنڌي ميڊياچئنلز ء سنڌي اخبارن جي سڏ تي اتر سنڌ ۾ ٺڪرن جي ٿانون جو مشهور شھر ٺڪراٺو به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو شھر جي مشهور تعليمي اداري شاھ لطيف ايليمينٽري پبلڪ اسڪول جي اونر استاد محمد حسن منگي ۽ اسڪول انتظاميه طرفان سنڌي چئنلز ۽ سنڌي اخبارن جي سڏ  کي مان ڏيندي اسڪول جي اڱڻ تي شاگردياڻين ۽عورتن جي ھڪ زبردست ثقافتي تقريب منعقد ڪئي ويئي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردياڻين فيميل ٽيچرز ۽ علائقي کان آيل عورتن ثقافتي ويس پهري تقريب ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته کوسو پڻ سکر کان ڪهي اچي تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي ثقافتي تقريب ۾ ٺڪراٺو جي صحافين واجد سومرو، مجيد مهر، ممتاز مهر، مير حسن منگي ،علي گوهر مهر، عطاسهتو، الهڏنو مهر، بابُو نبي بخش ،ڪريم بخش ، اصغر علي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول انتظاميه طرفان ڪوٺايل ثقافتي پروگرام ۾ شاگردياڻين سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ تي روشني وڌي ۽ شاگردياڻين مختلف ٽيبلوز پيش ڪري آيل مھمانن کان خوب داد ورتو سنڌ جي قومي گيتن تي پڻ جھمريون پائي خوب خوشي جو اظھار ڪيو پروگرام جي ميزباني ڪندڙ اسڪول جي پرنسپال استاد خليل احمد گِل طرفان آيل سڀني صحافين ۽ خاص مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا پروگرام جي ڪمپيئرنگ جي فرض ادي رافعه سرانجام ڏنا ان موقعي تي آيل ٻارن سنڌ جي ثقافت ويس ۽ اجرڪ پهري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔۔