ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس لاڳيتو متاثر، واٽس ايپ ۽ ٻيون ايپس هلائڻ لاءِ صارفين پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ صارفين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انٽرنيٽ جي رفتار سست هجڻ سبب صارفين جي لاءِ واٽس ايپ ۽ ٻيون ايپليڪيشنز تي تصويرون، وڊيوز ۽ وائس نوٽس اماڻڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان جي معاشي حب ڪراچي ۾ به انٽرنيٽ اسپيڊ اڃان تائين سست هجڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ خاص طور تي واٽس ايپ ميسجنگ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. صارفين جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ آڊيو، وڊيو، تصويرن جي اماڻڻ ۾ حد کان وڌيڪ وقت لڳي رهيو آهي، صدر، لياقت آباد، ايف بي ايريا، گلستان جوهر جا مختلف علائقا متاثر آهن، ڪجهه علائقن ۾ وائي فاءِ سروس به ڪم نه پئي ڪري. پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي انتهائي خراب صورتحال تي آءِ ٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ جي سست  رفتاري سبب ملڪي معيشت کي روزاني جي بنياد تي اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. آءِ ٽي ماهرن موجب پاڪستان جو عام طور تي ٽيلي ڪام سيڪٽر جو منافعو 3 ارب روپيه روزاني آهي، ٽيلي ڪام سيڪٽر جو 60 کان 70 سيڪڙو روزاني منافعو 3 جي ۽ 4 جي نيٽ ورڪ سان جڙيل آهي پر انٽرنيٽ مسئلي سبب ٽيلي ڪام سيڪٽر سميت ڪيترائي شعبا متاثر ٿي رهيا آهن.