بنون جي علائقي جاني خيل ۾ مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. بنون پوليس موجب جاني خيل جي علائقي ۾ ٻارڙن ويراني ۾ پيل مارٽر گولو کنيو جنهن کان پوءِ ٻار ماٽر گولي سان کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪي سبب ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻار فوت ٿي ويا. پوليس اختيارن ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويل ٻارن ۾ 2 ڀائر به شامل هئا جڏهن ته ٽئي ٻار شاگرد هئا جيڪي مدرسي کان گهر وڃي رهيا هئا. پوليس موجب لاش اسپتال منتقل ڪري علائقي ۾ حفاظتي قدمن جي تحت سرچنگ شروع ڪئي وئي آهي.