پريالوءِ لڳ شرپسندن پاران آبادگار جي کجين جي بارداني کي باھ ڏئي ساڙي لکين روپين جو نقصان ڪري ويا .

پريالوءِ : لڳ شرپسندن پاران آبادگار جي کجين جي بارداني کي باھ ڏئي ساڙي لکين روپين جو نقصان ڪري ويا .فيض واھ واري علائقي ۾ نامعلوم شرپسندن آبادگار فقير عبدالغفار جوڻيجو جي کجين جي باغ ۾ رکيل بارداني کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. هن چيو ته روزگار ۽ مالي وسيلن کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن سان کين تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هن واقعي خلاف متاثر آبادگار ۽ علائقي واسين احتجاج ڪندي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثرن کي معاوضو فراهم ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن چيو ته اهڙا واقعا آبادگارن جي محنت ۽ سرمائي کي تباهه ڪري رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن اهڙن واقعن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته هو پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائينداسين