حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جي پهرين جائزي ۾ 3 وڏا حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. نيٽ ٽيڪس روينيو، تعليم ۽ صحت جي خرچن لاءِ طئي ٿيل حدف ۽ مقامي ڪرنسي ڊيبٽ سيڪيورٽيز جي ميچورٽي حاصل نه ٿي سگهي. 2652 ارب جو ٽيڪس روينيو حاصل نه ٿي سگهيو، 85 ارب جو شارٽ فال ۽ 22 اسٽرڪچرل بينچ مارڪ تي جولاءِ 2025 تائين عمل ٿيندو. آءِ ايم ايف پاڪستان کي پروگرام جي لاءِ 22 اسٽرڪچرل بينچ مارڪ ڏنا آهن جن کي حاصل ڪرڻو آهي انهي مان 19 وفاقي حڪومت ۽ 4 اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان لاڳاپيل آهن. دستاويزن موجب سيپٽمبر 2024 جي آخر تائين آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل حدفن مان 3 اهم حدف حاصل نه ٿيا جن ۾ پاڪستان کي 2652 ارب روپين جو نيٽ ٽيڪس ريوينيو حاصل نه ٿيو ۽ 85 ارب روپين جو شارٽ فال رهيو. تعليم ۽ صحت جي شعبي تي 685 ارب روپين جي خرچن جو حدف به حاصل نه ڪيو ويو ۽ سيپٽمبر 2024 تائين مقامي ڪرنسي ڊيبٽ سيڪيورٽيز اسٽاڪ جي ميچوريٽي حاصل ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو.