سکر: ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سکر پوليس موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث گينگ خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي 73 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ۽ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس طرفان وڌيڪ ڪاروائي پڻ جاري آهي ته جيئن شهر ۾ ڏوهن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪيو وڃي. پريس ڪانفرنس دوران ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ چيو ته پوليس جي ڪاررواين جو مقصد عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. هن صحافي برادري ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ پوليس جو ساٿ ڏين ته جيئن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ پوليس جا هٿ مضبوط ٿي سگهن. ايس ايس پي امجد احمد شيخ چيو ته سکر پوليس جرائم پيشه عنصرن خلاف پنهنجي مِشن تي عمل پيرا آهي ۽ عوام جي سهڪار سان ڏوهن جو مڪمل خاتمو ممڪن بڻايو ويندو. گرفتار جوابدارن کي جلد عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.