عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي لاءِ حڪومت کي 15 فيبروري 2025 تائين جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب آءِ ايم ايف حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 15 فيبروري 2025 تائين گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ذريعن موجب اوگرا گيس جي قيمتن بابت فيصلو اڃان تائين وفاقي حڪومت کي ناهي اماڻيو، اوگرا جي طئي ڪيل ٽيرف جي روشني ۾ وفاقي حڪومت فيصلو ڪندي ۽ وفاقي حڪومت جي منظوري کان پوءِ ئي اوگرا گيس جي قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٽه ماهي گيس ٽيرف جي ايڊجسٽمينٽ بابت شرط رکي آهي. ياد رهي ته گيس ڪمپنين اوگرا کان گيس 53.47 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ اوگرا سرڪاري گيس ڪمپنين جي درخواست تي نومبر ۾ ٻڌڻي ڪئي هئي.